سڀائي مائي

سڀائي مائي

سڀائي مائي

سڀائي مائي: عوامي شاعر، مائي سڀائي ڌيءَ غلام محمد سومرو، 5 مئي 1912ع تي ڳوٺ نئين واهه، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائي. تعليمي لحاظ کان ناظره قرآن مجيد پڙهيل هئي. سندس شادي حاجي احمد بخش سومري سان ٿي، جيڪو هڪ عالم ۽ بيت گو شاعر هو. کيس ٽن حجن ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي هئي، جنهنڪري کيس ’حاجاڻي سڀائي‘ به سڏيندا هئا. حج تي سفر جي روانگيءَ دوران رستي ۾ سندس عيدن نالي پٽ وفات ڪري ويو، جنهنڪري سندس دل کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ هن اندر جي درد اظهارڻ لاءِ شاعري ڪئي. سندس ڪيترا بيت ملن ٿا. اڻ پڙهيل هئڻ سبب سندس شاعري لکت ۾ موجود نه آهي. سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو کيس پراڻن خانداني شاعرن جا بيت به ياد هئا. مائي سڀائيءَ جا وڏا نئين واهه مان لڏي اچي تعلقي لکيءَ جي ڳوٺ سردار شاهه (ڪچي اندر) ويٺا، پر پوءِ اتان لڏي وري قبي جامي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا. بعد ۾ سندس مڙس حاجي احمد بخش سومرو، 1942ع ۾ لڏي اچي رستم شهر ۾ ويٺو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس مڙس وفات ڪري ويو، پر مائي سڀائيءَ حياتيءَ جا آخري ڏينهن رستم ۾ گذاريا. مائي سڀائي، شيخ بهاؤالحق ملتانيءَ جي مريدياڻي ۽ پانڌيئڙي هئي. هن 09 فبروري 1989ع تي وفات ڪئي، کيس ڪالا شاهه پير، رستم، شڪارپور ۾ دفنايو ويو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
نه وڻ سڙيا، نه کڳڻ سڙيا، سڙيو سڀائيءَ جو ساهه،
نڪرندو سدا دشمن جو لاهه، جو آجا ٿيندا عجيب!


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.05.05  عيسوي

عوامي شاعر، مائي سڀائي ڌيءَ غلام محمد سومرو، 5 مئي 1912ع تي ڳوٺ نئين واهه، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائي.


1989.02.09  عيسوي

هن 09 فبروري 1989ع تي وفات ڪئي، کيس ڪالا شاهه پير، رستم، شڪارپور ۾ دفنايو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي نجي الله شاهه
ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
عـاشـق عـارباڻـي
آسن واسواڻي مجبور
بهزاد لکنوي
فقير لطف علي دايو
دريا خان دولهه
ٻاجهي فقير لغاري
سليم جعفر
عثمان احساني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون